تازہ ترین

عمران خان کي جيل ۾ سٺو کاڌو نه پيو ڏنو وڃي: عمر ايوب

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ عمر ايوب چيو آهي ته عمران خان کي جيل ۾ سٺو کاڌو نه پيو ڏنو وڃي جنهن جي ڪري کيس الٽيون ٿي رهيون آهن. راولپنڊيءَ ۾ دهشتگرديءَ جي انت واري عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي عمر ايوب چيو ته منهنجا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا هئا ان جي لاءِ اڄ هتي آيس، چئن شهرن ۾ اڄ ٻڌڻين جون تاريخون هيون، هي سڀ ڪوڙا ڪيس آهن. هن چيو ته باني پي ٽي آءِ کي سٺو کاڌو نٿو ڏنو وڃي جنهن جي ڪري هو الٽين جو شڪار آهي، اسان عمران خان سان گڏ بيٺل آهيون، جڏهن ته بشريٰ بي بيءَ جي ميرٽ جي بنياد تي ضمانت ٿي، هاڻ عمران خان به جلد آزاد ٿي ويندو. مخالف ڌر اڳواڻ جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ جي عورتن کي رفتار ڪيو پيو وڃي، چوڌري امتياز جي ڌيءُ کي گھر ۾ گھڙي ان کي گھليو ويو، اسپيڪر قومي اسيمبلي ۽ خصوصي ڪميٽيءَ جو چيئرمين خورشيد شاهه ميمبرن جي حفاظت ڪري. عمر ايوب وڌيڪ چيو ته هڪ بدبودار ترميم منظور ڪئي وئي، ٻي ترميم جي اچڻ کان اڳ ان جي مذمت ڪريون ٿا.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.