تازہ ترین

صدر پنهنجا اختيار پارليامينٽ کي ڏئي ان کي مضبوط ڪيو: عاجز ڌامراهه/ آغا فيع الله

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي اڳواڻ عاجز ڌامراهه  چيو آهي ته صدر آصف علي زرداري پنهنجا اختيار پارليامينٽ کي ڏئي ان کي مضبوط ڪيو، پ پ پ چيئرمين ثابت ڪيو ته هو پاڪستان جو اڀرندڙ ليڊر آهي. ڪراچيءَ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عاجز ڌامراهه چيو ته اسيمبلين کي ختم ڪندڙ شق کي آئين مان ڪڍي ڦٽو ڪري ڇڏيو، پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان جي اميد آهي. هن چيو ته پ پ پ چيئرمين جي هوندي ڪو به پاڪستان خلاف سازش نٿو ڪري سگھي، سگهاري 18 هين ترميم آڻڻ ڪو ڀوڳ نه هو، اها پ پ پ قيادت آڻي ڏيکاري آهي، بلاول ڀٽو زرداري واحد ليڊر آهي جنهن 26 هين آئيني ترميم آندي. سندس چوڻ هو ته پ پ پ چيئرمين سڀني کي گڏجي کڻي هلڻ جي صلاحيت رکي ٿو، ماڻهو انصاف ملڻ ۾دير جي ڪري جرڳا ڪري جند آجي ڪرائيندا هئا، 26هين آئيني ترميم سان عوام کي تُرت انصاف ملندو، اسيمبلي موجود آهي ضرورت پوندي ته آئيني ۾ ترميم ضرور ڪئي ويندي، ان موقعي تي آغا رفيغ الله چيو ته ڪنهن کان به زبردستي ووٽ نه ورتو، سڀني ملڪ جي بهتري لاءِ ووٽ ڏنو، اختر مينگل ٻڌائي ته ڪنهن کان زبردستي ووٽ ورتا ويا؟

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.