تازہ ترین

غزه ۾ اسرائيلي فوج جو رهائشي عمارت تي حملو، 77 فسلطيني شهيد

غزه (ويب ڊيسڪ) اسرائيلي فوج اڱاري جي صبح جو هڪ ڀيرو بيهر بيت الهيه شهر ۾ واقع رهائشي عمارتن تي بمباري ڪئي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ هن وقت تائين 77 فلسطينين جي شهادت جي تصديق ٿي وئي آهي جڏهن ته مارجي ويندڙن جي انگ ۾ اضافي جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي. عرب ميڊيا جي رپورٽن موجب اسرائيلي حملي شهيد ٿيندڙن ۾ عورتون ۽ 17 معصوم ٻارڙا به شامل آهن، جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو ڊٿل عمارت جي ڍير هيٺان دٻيل آهن، جن کي ريسڪيو عملدارن طرفان ڪڍڻ جون ڪوششون ڪيون پيو وڃن. عرب ميڊيا موجب حملي وقت عمارت ۾ 100 کان وڌيڪ ماڻهو  موجود هئا جن ۾ ڪجھه مقامي ماڻهو جڏهن ته ڪجھه ماڻهو جيڪي جباليه ڪئمپ مان زبردستي لوڌي ڪڍيا ويا هئا اهي به گذريل ڏينهن ان ئي عمارت ۾ اچي رهيا هئا. ٻئي طرف لبنان تي به اسرائيلي حملا جاري آهن ۽ گذريل رات اسرائيلي فوج جي وادي بيقه ۾ هوائي حملي جي نتيجي ۾ 60 لبناني شهيد ۽ 58 زخمي ٿيا آهن.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.