تازہ ترین

پنجگور ڊيم جي سارسنڀال ڪندڙن تي فائرنگ، 5 ڄڻا قتل

پنجگور (ويب ڊيسڪ) پنجگور جي علائقي پروم ۾ اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ ڊيم جي سار سنڀال ڪندڙ 5 ڄڻا مارجي ويا. صوبائي حڪومت جي ترجمان شاهد رند واقعي جي تصديق ڪندي ميڊيا کي ٻڌايو ته پنجگور جي علائقي پروم ۾ ڊيم جي سارسنڀال تي مقرر مقامي ماڻهن تي فائرنگ ڪئي وئي آهي، صوبائي حڪومت جي ترجمان موجب اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا مارجي ويا آهن ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. ترجمان موجب مقتولن جا مڙهه ٽيچنگ اسپتال پنجگور منتقل ڪري واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.