تازہ ترین

وفاقي حڪومت مهانگائي لاءِ احتجاج ڪندڙ جماعت اسلامي کي ڳالهين جي آڇ ڪري ڇڏي

وفاقي حڪومت مهانگائي لاءِ احتجاج ڪندڙ جماعت اسلامي کي ڳالهين جي آڇ ڪري ڇڏي آهي

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي وزير عطا تارڙ چيو ته لياقت باغ ۾ احتجاج تي اتفاق کانپوءِ اسلام آباد طرف مارچ جو ڪو به جواز ناهي، حڪومت حافظ نعيم الرحمان سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار آهي

سندس چوڻ هيو ته حڪومت هن وقت معاشي بحالي جي ايجنڊا تي عمل ڪري رهي آهي، جماعت اسلامي سان ڳالهين لاءِ ڪميٽي جوڙڻ تي تيار آهيون

وفاقي وزير چيو ته جماعت اسلامي کي لياقت باغ ۾ جلسي يا ڌرڻي جي اجازت ڏني وئي هئي، لياقت باغ جو معاملو طئي ٿيو هو ۽ ان جي ايس او پيز طئي ٿي هئي

عطا تارڙ چيو ته وزيراعليٰ ڪي پي جلسن ۾ ڪجهه چوندو آهي، اجلاسن ۾ ڪجه ٻيو چوندو آهي، وزيراعليٰ جي بيانن ۾ تضاد آهي، طالبان کي واپس آڻيندڙ چئي رهيا آهن آپريشن ٿيڻ نه ڏينداسين

وفاقي وزير چيو ته بٽ گرام ۾ وڻ وڍڻ جو اسڪينڊل سامهون آيو جنهن ۾ ٻيلو کاتو ملوث آهي،اسان ملڪ جي بقا لاءِ ڳالهين لاءِ تيار آهيون، اوهان چئن سالن دوران ملڪ لاءِ هڪ سر به ناهي لڳائي

جماعت اسلامي سان ڳالهين ڪميٽي جوڙڻ تي تيار آهيون، لياقت باغ ۾ هر سهولت ڏينداسين، ڊي چوڪ جي روايت ختم ٿيڻ گهرجي هن چيو ته لکين نان فائلرز کي فائلر بڻائڻ لاءِ سسٽم آندو پيو وڃي،. بجلي جي بلن تي 50 ارب رپين جي سبسڊي ڏني وئي آهي، 200 يونٽ واري صارفين تي بار نٿا وجهون

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.