تازہ ترین

وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته وزيراعظم ٽيڪس معاملي تي  استعيفيٰ  جي ڳالهه ڪئي، ان تي ڪيترن ئي هنڌن تان دٻاءُ  آهي

وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته وزيراعظم ٽيڪس معاملي تي  استعيفيٰ  جي ڳالهه ڪئي، ان تي ڪيترن ئي هنڌن تان دٻاءُ  آهي .

نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله چيو ته اسانکي جيلن  ۾ وڌو ويو هو ،۽ اسان سان ڌانڌلي به ٿي پر اسان ويهڻ لاءِ تيار هيا سين ۽ اڄ به ويهڻ لاءِ تيار آهيون پر پي ٽي آءِ ويهڻ لاءِ تيار ناهي .

هن چيو ته  جڏهن رستو ڇڪتاڻ آهي ته پوءِ سڀ ڪجهه بي معنيٰ آهي  ۽ ان ۾ اهي پورو زور لڳائيندا ته اسان به زور لڳائينداسين، جڏهن ته اهي پنهنجا ڪيس ٺيڪ  ڪرڻ لاءِ زور لڳائين.

هن چيو ته مخصوص سيٽن جي فيصلي سان  مونجهارا  وڌي  ويا آهن، آئين ۾ ان حوالي سان پهريان ئي طريقو طئي آهي.

سندس چوڻ هو  ته  آزاد ميمبرن  سني اتحاد ڪائونسل  جا حلف ناما  ڏنا هيا ، سپريم ڪورٽ ۾ سني اتحاد ڪائونسل  وئي ، پي ٽي آءِ نه وئي پر سيٽون پي ٽي آءِ کي مليون آهن.

راڻا ثناءُ الله وڌيڪ چيو ته هاڻي 29  ڏينهن  منڊي لڳندي  ۽ ان سان هارس ٽريڊنگ جو سلسلو شروع ٿيندو . وزيراعظم جي صلاحڪار  چيو ته  وزيراعظم،  اليڪشن ڪميشن ۽ ججز سميت  سڀني  آئين جي تحفظ جو  حلف کنيو آهي ، فيصلو ڪرڻو آهي ته  آئين تي هلڻو آهي يا پنهنجي حلف جي ڀڃڪڙي ڪرڻي آهي ، ٻئي شيون گڏ نه ٿيون هلي سگهن

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.