تازہ ترین

وفاقي سرڪار،پي ٽي آءِ  تي پابندي ۽ پي ٽي آءِ  باني ، عارف علوي ۽  قاسم سوري  خلاف آرٽيڪل 6 لڳائڻ جو  فيصلو ڪري ڇڏيو

وفاقي سرڪار،پي ٽي آءِ  تي پابندي ۽ پي ٽي آءِ  باني ، عارف علوي ۽  قاسم سوري  خلاف آرٽيڪل 6 لڳائڻ جو  فيصلو ڪري ڇڏيو، اطلاعات  واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته هن ملڪ کي اڳتي وڃڻو آهي ته پي ٽي  آءِ ۽ پاڪستان گڏ نه ٿا هلي سگهن .

سڌ سماءُ واري وفاقي وزير عطا تارڙ اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سمورين شين کي ڏسي وفاقي سرڪار پي ٽي  آءِ تي پابندي لڳائڻ لاءِ ڪارروائي جو فيصلو ڪيو آهي .

هن چيو  ته  مخصوص سيٽن  واري سپريم ڪورٽ جي فيصلي  تي نظرثاني لاءِ اپيل داخل ڪئي ويندي ، ملڪ سان گهڻي مذاق ٿي وئي هاڻي نو مور آهي .

سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ تي پابندي  وارو معاملو سپريم ڪورٽ ۾ موڪليو ويندو ،عارف علوي ۽ قاسم سوري خلاف آرٽيڪل 6 لڳائڻ جو پڻ فيصلو ڪيو آهي .

هن چيو ته آرٽيڪل 6 لڳائڻ جو ريفرنس سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪيو ويندو.

عطا الله تارڙ وڌيڪ چيو ته ثبوتن کي سامھون رکندي پي ٽي آءِ تي ڪيس داخل ڪيو ويندو،فيصلي تي نظرثاني اپيل داخل ڪرڻ حڪومت جو حق آھي  اطلاعات وارو وفاقي وزير چيو ته فيصلو حڪومت ۽ اتحادين جي مشاورت بعد ڪيو ويو،حڪومت چاھي ٿي ته ملڪ ۾ سياسي ۽ معاشي استحڪام اچي

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.