تازہ ترین

وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته جنهن به وزارت ڪم ۾ ڪوتاهي ڪئي ته ان کي برادشت نه ڪيو ويندو

وفاقي ڪابينا اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم  شهباز شريف چيو ته ڳالهين سان آءِ ايم ايف مان  ڇوٽڪارو حاصل  نه ٿا ڪري سگهون، ڪجهه نه ڪرڻ ناانصافي هوندي .

 وزيراعظم چيو ته معيشت  جي بهتري لاءِ انتهائي سخت ۽ ڏکيا فيصلا ڪرڻا پوندا .

هن چيو ته ڪرپشن کي ڪنهن به صورت ۾ برادشت نه ڪنداسين، اسان ويٺا هونداسين ته ڪم ڪٿان ٿيندو، وزارتن کي پنهنجي ڪارڪردگي بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي.

هن چيو ته  معاشي ترقي لاءِ پنهنجو احتساب ڪرڻ ضروري آهي، آءِ ايم ايف کان ڇوٽڪارو صرف ڳالهين ذريعي نه ملندو ان لاءِ  ڪم ڪرڻو پوندو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته  بجليءَ جي سپلاءِ لائينز کي بهتر بڻائڻ ۽ بجلي چوريءَ تي ضابطو آڻڻو آهي،بلوچستان ۾ 28 هزار ٽيوب ويلز جي شمسي توانائيءَ تي منتقلي اهم قدم آهي، بلوچستان جي وڏي وزير مسئلن جي حل لاءِ سنجيدگيءَ جو مظاهرو ڪرڻ تعريف جوڳو آهي

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.