تازہ ترین

ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن  کاتي پاران گاڏين جي مالڪن جي نالن جي شروعاتي لفظن سان  به  پريمئم نمبر پليٽس جاري ڪرڻ جو فيصلو

ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن  کاتي پاران گاڏين جي مالڪن جي نالن جي شروعاتي لفظن سان  به  پريمئم نمبر پليٽس جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي .

ڪراچي ۾ سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن کاتي جو اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو.

اجلاس ۾ پريمئم نمبر پليٽس جي ٻي نيلامي شروع ڪرڻ ۽ نمبرز جاري ڪرڻ لاءِ الڳ آفيس قائم ڪرڻ بابت غور ويچار ڪيو ويو.

اجلاس ۾ گاڏين جي مالڪن جي نالن جي شروعاتي لفظن سان گڏ پريمئم نمبر پليٽس جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

اجلاس ۾ پسند جي  نمبر پليٽس جي فيس ۾ واڌ بابت تجويزون  ترتيب ڏيڻ  جو فيصلو ڪيو ويو .

 سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ هدايتون ڏيندي چيو ته  جلد کان جلد پهرين نيلامي ۾ جاري ڪيل پريمئم نمبر پليٽس جون سموريون قانوني گهرجون پوريون ڪيون وڃن.

شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پريمئم نمبر پليٽون رڳو رجسٽرڊ گاڏين تي لڳائي سگهجن ٿيون، جڏهن ته لاڳاپيل گاڏي تي پريمئم نمبر پليٽس لڳائڻ لاءِ رجسٽرڊ ٿيڻ لازمي آهي اجلاس ۾ سينيئر صوبائي وزير غير رجسٽرڊ گاڏين خلاف جاري مهم ۽ چيڪ پوسٽن جي اڏاوتي ڪمن  بابت پڻ  تفصيل طلب ڪري ورتا آهن

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.