تازہ ترین

وفاقي گهرو وزارت سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس کي  ملڪي سلامتي لاءِ خطرو قرار ڏيندي بحالي کان انڪار ڪري ڇڏيو

وفاقي گهرو وزارت سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس کي  ملڪي سلامتي لاءِ خطرو قرار ڏيندي بحالي کان انڪار ڪري ڇڏيو

انٽرنيٽ ۽ سوشل ميڊيا سائيٽ ايڪس جي بندش خلاف ڪيس ۾ گهرو کاتي پاران سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ هڪ ٻيو جواب جمع ڪرايو ويو آهي

گهرو کاتي پاران جمع ڪرايل جواب ۾ چيو ويو آهي ته درخواست نه ٻڌڻي جوڳي آهي، گهرو کاتي جو ڪم پاڪستان جي عوام جي حقن جو تحفظ ڪرڻ آهي، ايڪس تي پابندي کان پهريان قانوني گهرجون پوريون ڪيون ويون هيون، پاڪستان ۾ ايڪس تي پابندي آرٽيڪل 19 جي ڀڃڪڙي ناهي، آرٽيڪل 19 اظهار جي آزادي جي اجازت ڏئي ٿيو، ان قانون موجب ڪجهه پابنديون به هونديون آهن.

جواب ۾ چيو ويو آهي ته سوشل ميڊيا خاص طور تي ايڪس تي ملڪي ادارن خلاف چڙ ڏياريندڙ مواد اپلوڊ ڪيو ويندو آهي، ايڪس هڪ غيرملڪي ڪمپني آهي،  جنهن کي ڪيترائي ڀيرا قانون تي عملدرآمد جو چيو،  گهرو کاتي وٽ ايڪس جي بندش کانسواءِ ٻيو ڪو به رستو نه هيو، گهرو وزارت طرفان جمع ڪرايل رپورٽ ۾ چيو ويو ته ملڪي سڪيورٽي ۽ وقار لاءِ ڳجهن ادان جي رپورٽ جي روشني ۾ ايڪس تي پابندي لڳائي وئي،  ڪجهه عنصر ايڪس ذريعي ملڪ ۾ عدم استحڪام پکيڙڻ چاهين ٿا،  ادارن خلاف ايڪس تي چڙ ڏياريندڙ مواد اپلوڊ ڪيو ويندو آهي، گهرو وزارت وٽ پابندي کانسواءِ ڪو ٻيو دڳ ناهي

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.