تازہ ترین

سپريم ڪورٽ ۾ ڪنهن سياسي جماعت کان چونڊ نشان نه وٺڻ تي پارليامينٽ کي قانونسازي ڪرڻ بابت درخواست داخل ڪئي وئي

سپريم ڪورٽ ۾ ڪنهن سياسي جماعت کان چونڊ نشان نه وٺڻ تي پارليامينٽ کي قانونسازي ڪرڻ بابت درخواست داخل ڪئي وئي آهي

سپريم ڪورٽ ۾ شهري قاضي محمد سليم پاران درخواست داخل ڪئي وئي، جنهن ۾ چيو ويو ته مخصوص سيٽن بابت ڪيس ۾ به اليڪشن ڪميشن معاملي تي مونجهاري جو شڪار رهيو

درخواستگذار چيو ته پي ٽي آءِ کي بيٽ جو نشان نه ملڻ کانپوءِ ڏکيائيون گهٽ ڪرڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ڪوششون ڪيون، اهڙو ڪيس پهريان ڪڏهن به نه آيو ڇو جو آئين اهڙن مسئلن لاءِ خاموش آهي.

درخواستگذار چيو ته پارليامينٽرينز اهڙي تڪرار جو ڪڏهن به نه سوچيو هيو، جنهنڪري قانونسازي نه ڪئي وئي. عدالت ۾ داخل ڪيل درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته سپريم ڪورٽ نشان کسڻ بابت پارليامينٽ کي قانونسازي جي هدايت ڏئي

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.