تازہ ترین

 نوابشاھ ۾ شروع ڪيل پيپلز بس سروس ۾ صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو شهر جو سفر

نوابشاھ : شروع ڪيل پيپلز بس سروس ۾ صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو شهر جو سفر ڪيو

صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو جو چوڻ هو ته تمام جلد عام ماڻھن جي سفري سهولتن لاءِ بس جو سفر عام ڪيو ويندو.

هن چيو ته في الحال سنڌ حڪومت پاران 6 بسون ڏنيون ويون آهن ٻئي مرحلي ۾ وڌيڪ بسون ڏنيون وينديون، جڏهن ته سموري سنڌ ۾ پڻ پيپلز بس شروع ڪئي ويندي.

ان موقعي تي ايم پي اي جاويد اقبال آرائين، پيپلزپارٽي سٽي صدر خان بھادر ڀٽي،  ضلعي صدر علي اڪبر جمالي، زرداري ھائوس جو ترجمان سالم خان زرداري ۽ پيپلزپارٽي ورڪرن سميت سياسي سماجي شخصيتن ۽ صحافين پڻ پيپلز بس سروس ۾ شھر جو سفر ڪيو.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.