تازہ ترین

December 15, 2024

Year : 2025

جي يو آءِ پاران مدرسن جي رجسٽريشن واري بل لاءِ تحريڪ انصاف کان مدد طلب

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جي يو آءِ مدرسن جي رجسٽريشن واري بل تي تحريڪ انصاف کان مدد گهُري ورتي، جي يو آءِ سينيٽر ڪامران مرتضيٰ جي اسد قيصر سان ملاقات، جي يو آءِ اڳواڻن خيبرپختونخوا ۾ به ديني مدرسن جي رجسٽريشن جو مطالبو ڪري ڇڏيو، اسد قيصر قيادت سان صلاح مشوري بعد جواب ڏيڻ جي […]

مولانا فضل الرحمان سان مدرسن جي رجسٽريشن واري بل تي ناانصافي ٿي: ايمل ولي خان

پشاور (ويب ڊيسڪ) عوامي نيشنل پارٽي جي سربراهه ايمل ولي خان چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان سان مدرسن جي رجسٽريشن واري بل تي ناانصافي ٿي آهي، حڪومت ۽ باني پي ٽي آءِ ۾ ڪو به فرق ناهي، باني پي ٽي آءِ به ماڻهن سان واعدا ڪري دوکو ڪندو هو، هاڻي حڪومت تي ڪير يقين […]

وزيراعظم شهباز شريف 19 ڊسمبر تي مصر جي دوري تي روانو ٿيندو

ايٿينز (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف 19 ڊسمبر تي مصر جي دوري تي روانو ٿيندو، شهباز شريف مصر ۾ شيڊيول ڊي 8 سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو، ذريعن موجب جو چوڻ آهي ته وزيراعظم اجلاس جي سائيڊ لائين تي عالمي اڳواڻن سان ملاقاتون به ڪندو.

جوهي ڀرسان ٽريڪٽر جي پٽي ۾ رومال ڦاسڻ سبب نوجوان فوت

جوهي (ويب ڊيسڪ) جوهي ڀرسان ٽريڪٽر جي پٽي ۾ رومال ڦاسڻ سبب نوجوان فوت ٿي ويو، ڳوٺ فيض محمد لنڊ جي رهواسي محمد خان جو رومال ٽريڪٽر جي پٽي ۾ ڦاسي پيو، نوجوان کي سخت زخمي حالت ۾ اسپتال نيو ويو جتي هن دم ڏئي ڇڏيو، گهرڀاتين ۾ روڄ راڙو.

ڪراچي: ڪورنگي ۾ ڪاغذ جي گودام کي باهه، قالين جي گودام کي به وڪوڙي وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي ڪورنگي ۾ ڪاغذ جي گودام کي باهه لڳي وئي، باهه ڀرسان قالين جي گودام کي به پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو، فائر برگيڊز باهه تي ضابطو آڻي ورتو، فائر آفيسر جو چوڻ آهي ته گودام کي باهه لڳڻ جو اطلاع رات دير سان مليو، باهه لڳڻ سبب ڪو به […]

ورسٽائل اداڪار فريد نواز بلوچ جي وڇوڙي 23 ورهيه وهامي ويا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌيءَ جي ورسٽائل اداڪار فريد نواز بلوچ جي وڇوڙي 23 ورهيه وهامي ويا، فريد نواز بلوچ مشهور ڊرامن جھڙوڪ ديوارين، جنگل، هوائين ۽ ناٽڪ رنگ سميت سئو کان وڌيڪ سنڌي ۽ اردو ڊرامن ۾ يادگار ڪردار نڀايا، سنجيدا ۽ مزاحيه ڪردار ادا ڪرڻ ۾ فريد نواز بلوچ کي مهارت حاصل هئي، سندس […]

يوناني سمنڊ ۾ ٻيڙي اونڌي ٿيڻ سبب 5 ڄڻا ٻُڏي فوت، اڪثريت پاڪستانين جي

ايٿينس (ويب ڊيسڪ) يوناني سمنڊ ۾ ٻيڙي اونڌي ٿيڻ سبب 5 ڄڻا ٻُڏي فوت ٿي ويا، 40 ڄڻن جي ڳولا جاري آهي، يوناني ڪوسٽ گارڊز موجب ٻيڙي ۾ سوار 39 ڄڻن کي بچايو ويو آهي، ٻيڙي ۾ سوار مسافرن مان اڪثريت پاڪستانين جي هئي، صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف پاران ڏک جو […]

Politics

Politics

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.