تازہ ترین

Dharti TV News

ڪراچي: گڏاپ ۾ جوابدارن ڪهاڙين جا وار ڪري نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو

ملير (ويب ڊيسڪ) ملير جي گڏاپ واري علائقي ۾ جوابدارن ڪهاڙين جا وار ڪري نوجوان کي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو، مقتول جي سڃاڻپ وارث خان طور ٿي، پوليس ڪارروائي ڪري ٻِن جوابدارن ايوب خان ۽ سليمان کي گرفتار ڪري ورتو.

فريدآباد لڳ اٽي چڪي ۾ ڪندڙ پورهيت حادثي ۾ فوت

فريدآباد (ويب ڊيسڪ) فريدآباد لڳ اٽي چڪي ۾ ڪندڙ پورهيت حادثي ۾ فوت ٿي ويو، ڳوٺ ڳاڙهي ۾ 45 ورهين جو پورهيت محمد علي ٻٻر اٽي چڪي ۾ ڪم ڪري رهيو هو ته مشين جي پُلي لڳڻ سبب مرڻينگ ٿي پيو، وارث کيس علاج لاءِ اسپتال کڻائي وڃي رهيا هئا ته رستي ۾ دم ڏئي […]

آمريڪا پاران پهريون ڀيرو شامي باغين سان رابطن جي تصديق

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪا پهريون ڀيرو شامي باغين سان رابطن جي تصديق ڪري ڇڏي، آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن جو چوڻ آهي ته شام باغين خلاف پابندين تي نظرثاني سندن رويي سان سلهاڙيل آهي، آمريڪا 2018ع ۾ شامي باغين جي تنظيم تحرير الشام کي دهشتگردن جي لسٽ ۾ شامل ڪيو هو.

چيمپيئنز ٽرافي لاءِ پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ سمورن معاملن تي اتفاق ٿي ويو

لاهور (ويب ڊيسڪ) ڪرڪيٽ لاءِ سُٺي خبر، چيمپيئنز ٽرافي لاءِ پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ سمورن معاملن تي اتفاق ٿي ويو، ذريعن جو چوڻ آهي ته چيمپيئنز ٽرافي تي هاڻي ڪو به ڊيڊ لاڪ ناهي، معاملن تي معاهدن جو ڪم حتمي مرحلي ۾ پهچي چڪو آهي، آءِ سي سيءَ پاران اڄ يا سڀاڻي باضابطه […]

وفاق پاران ديني مدرسن جي رجسٽريشن بابت صدر جا اعتراض آئيني ۽ قانوني قرار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت ديني مدرسن جي رجسٽريشن بابت صدر مملڪت جا اعتراض آئيني ۽ قانوني قرار ڏئي ڇڏيا، سُڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته صدر جي اعتراضن ۾ نه ايف اي ٽي ايف جو ذڪر آهي، نه ئي ڪو تعلق، قانوني ۽ آئيني معاملن تي سياست ڪرڻ ڪنهن […]

جي يو آءِ پاران مدرسن جي رجسٽريشن واري بل لاءِ تحريڪ انصاف کان مدد طلب

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جي يو آءِ مدرسن جي رجسٽريشن واري بل تي تحريڪ انصاف کان مدد گهُري ورتي، جي يو آءِ سينيٽر ڪامران مرتضيٰ جي اسد قيصر سان ملاقات، جي يو آءِ اڳواڻن خيبرپختونخوا ۾ به ديني مدرسن جي رجسٽريشن جو مطالبو ڪري ڇڏيو، اسد قيصر قيادت سان صلاح مشوري بعد جواب ڏيڻ جي […]

مولانا فضل الرحمان سان مدرسن جي رجسٽريشن واري بل تي ناانصافي ٿي: ايمل ولي خان

پشاور (ويب ڊيسڪ) عوامي نيشنل پارٽي جي سربراهه ايمل ولي خان چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان سان مدرسن جي رجسٽريشن واري بل تي ناانصافي ٿي آهي، حڪومت ۽ باني پي ٽي آءِ ۾ ڪو به فرق ناهي، باني پي ٽي آءِ به ماڻهن سان واعدا ڪري دوکو ڪندو هو، هاڻي حڪومت تي ڪير يقين […]

وزيراعظم شهباز شريف 19 ڊسمبر تي مصر جي دوري تي روانو ٿيندو

ايٿينز (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف 19 ڊسمبر تي مصر جي دوري تي روانو ٿيندو، شهباز شريف مصر ۾ شيڊيول ڊي 8 سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو، ذريعن موجب جو چوڻ آهي ته وزيراعظم اجلاس جي سائيڊ لائين تي عالمي اڳواڻن سان ملاقاتون به ڪندو.

جوهي ڀرسان ٽريڪٽر جي پٽي ۾ رومال ڦاسڻ سبب نوجوان فوت

جوهي (ويب ڊيسڪ) جوهي ڀرسان ٽريڪٽر جي پٽي ۾ رومال ڦاسڻ سبب نوجوان فوت ٿي ويو، ڳوٺ فيض محمد لنڊ جي رهواسي محمد خان جو رومال ٽريڪٽر جي پٽي ۾ ڦاسي پيو، نوجوان کي سخت زخمي حالت ۾ اسپتال نيو ويو جتي هن دم ڏئي ڇڏيو، گهرڀاتين ۾ روڄ راڙو.

ڪراچي: ڪورنگي ۾ ڪاغذ جي گودام کي باهه، قالين جي گودام کي به وڪوڙي وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي ڪورنگي ۾ ڪاغذ جي گودام کي باهه لڳي وئي، باهه ڀرسان قالين جي گودام کي به پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو، فائر برگيڊز باهه تي ضابطو آڻي ورتو، فائر آفيسر جو چوڻ آهي ته گودام کي باهه لڳڻ جو اطلاع رات دير سان مليو، باهه لڳڻ سبب ڪو به […]

Politics

Politics

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.