تازہ ترین

Dharti TV News

ڪوڙي خبر تي 5 سال قيد يا 10 لک رپيا ڏنڊ جي سزا، سائيبر ڪرائيم ترميمي بل تيار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت سائيبر ڪرائيم ترميمي بل جو شروعاتي مسودو تيار ڪري ورتو آهي جنهن جي تحت ڪوڙي خبر ڏيڻ واري کي 5 سال قيد يا 10 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ملندي. خانگي خابرو اداري موجب سائيبر ڪرائيم ترميمي بل جو شروعاتي مسودو تيار ڪيو ويو آهي جنهن تحت ڊجيٽيل رائيٽس پروٽيڪشن […]

احتجاج ۽ ڏڦيڙ: حڪومت جو فساد جي خاتمي واري فورس جوڙڻ جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت ملڪ ۾ فساد ۽ هنگامن کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي معيار جي فسادن جي خاتمي واري فورس جوڙڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم جي  صدارت ۾ اسلام آباد م 24 نومبر تي ٿيندڙ ڌرڻي ۾ فسادن جي جاچ لاءِ ٽاسڪ فورس جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ وزير مشير ۽ اعليٰ […]

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اسلام آباد پهچي ويو، گورني ڪي پي کي به سڏائي ورتو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اسلام آباد پهچي ويو، گورنر ڪي پي فيصل ڪريم ڪنڊي کي به اسلام آباد سڏائي ورتائين، ذريعن جو چوڻ آهي ته پيپلزپارٽي جي چيئرمين خيبر پختونخوا جي گورنر کي بنا دير اسلام آباد پهچڻ جي هدايت ڪئي آهي، فيصل ڪريم ڪنڊي بلاول ڀٽو زرداري کي […]

پاڻي جي کوٽ تائين ڪئنال جي ڪنهن نئين منصوبي تي ڪم نٿو ڪري سگھجي: ڄام خان شورو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي آبپاشي کاتي جي وزير ڄام خان شورو چيو آهي ته سنڌ کي اڳ ئي ضرورت کان گهٽ پاڻي ملي رهيو آهي، مٿان وري برساتن وارو پاڻي به اسان جي کاتي ۾ وجهي حساب برابر ڪيو پيو وڃي، سنڌ سرڪار سنڌو درياءَ مان اضافي ڪئنالن خلاف گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ […]

فٽبال ميچ دوران جھيڙو، اسٽيڊيم جنگ جو ميدان بڻجي ويو، 100 ڄڻا مارجي ويا

گيانا (ويب ڊيسڪ) اولهه آفريڪي ملڪ گيانا ۾ فٽبال ميچ دوران تماشائين ۾ ٽڪراءَ جي نتيجي ۾ 100 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا. پرڏيهي ميڊيا موجب گيانا جي ٻئي وڏي شهر انزيريڪوري ۾ فٽبال ميچ دوران تماشائين ۾ جھيڙي جو واقعو پيش آيو، اي ايف پي موجب اسپتال جي ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته اسپتال […]

عمر ايوب ۽ فيصل امين جي راهداري ضمانت منظور

پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ عمر ايوب ۽ فيصل امين جي راهداري ضمانت وارين درخواستن تي ٻڌڻي ٿي، عدالت عمر ايوب ۽ فيصل امين جي 21 ڊسمبر تائين راهداري ضمانت ڏئي ڇڏي. پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ عمر ايوب ۽ فيصل امين جي راهداريءَ وارين درخواستن […]

بنون ۾ نالي مان هٿ آيل مارٽر گولو ڦاٽڻ سبب 3 ٻارڙا مارجي ويا

بنون (ويب ڊيسڪ) بنون جي علائقي جاني خيل ۾ مارٽر گولو ڦاٽڻ سبب 3 ٻارڙا مارجي ويا، ٻارن کي مارٽر گولو ويجھي نالي مان مليو هو. جاني خيل ۾ 3 ٻارڙا نالي مان ملندڙ مارٽر گولي سان کيڏندي حادثي جو شڪار ٿي ويا. مارٽر گولو ڦاٽڻ سبب 3 ٻارڙا موقعي تي ئي مارجي ويا آهن. […]

وزيراعظم پاران ڪمند ڪرشنگ دوران شگر ملز جي مانيٽرنگ جو فيصلو، ڪم ايف آءِ اي حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڪرشنگ سيزن دوران ايف آءِ اي شوگر ملز جي مانيٽرنگ جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم جي حڪمن تي ايف آءِ اي لاهور زون جون ٽيمون ٽن شوگر ملز تي مقرر ڪيون ويون آهن، شوگر ملز ۾ کنڊ جي پيداوار، اسٽاڪ ۽ سيلز جو روزانون جو رڪارڊ سهيڙيو ويندو، ايف آءِ اي […]

پي ٽي آءِ باني کي وڌيڪ 4 ڪيسن ۾ گرفتار ڪرڻ جو فيصلو

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) باني پي ٽي آءِ عمران خان جي ڏکيائين ۾ واڌ ٿي رهي آهي، 28 سيپٽمبر جي وڌيڪ 4 ڪيسن ۾ کيس گرفتار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جاچ ٽيم اڳ ئي اڊيالا جيل ۾ موجود آهي. جي ايچ ڪيو حملي ڪيس ۾ باني پي ٽي آءِ ۽ ٻين جوابدارن تي فرد […]

وفاقي سرڪار آڊيو ليڪس ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ جي اپيل ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي سرڪار آڊيو ليڪس ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ جي اپيل ڪري ڇڏي، ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت کان استدعا ڪئي ته معاملو وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ پيش ڪيو ويندو  تيسيتائين اسان کي مهلت ڏني وڃي، جسٽس امين الدين خان چيو ته حڪومت جي هدايت اچڻ ڏيو، پوءِ هن معاملي کي […]

Politics

Politics

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.