تازہ ترین

فٽبال ميچ دوران جھيڙو، اسٽيڊيم جنگ جو ميدان بڻجي ويو، 100 ڄڻا مارجي ويا

گيانا (ويب ڊيسڪ) اولهه آفريڪي ملڪ گيانا ۾ فٽبال ميچ دوران تماشائين ۾ ٽڪراءَ جي نتيجي ۾ 100 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا. پرڏيهي ميڊيا موجب گيانا جي ٻئي وڏي شهر انزيريڪوري ۾ فٽبال ميچ دوران تماشائين ۾ جھيڙي جو واقعو پيش آيو، اي ايف پي موجب اسپتال جي ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته اسپتال ۾ جيستائين اک ڏسي سگھي ٿي تيستائين لاش ئي لاش پيل آهن، جڏهن ته ڪجھه لاش هال ۾ به پيا آهن، مرده خانو به لاشن سان ڀرجي ويو آهي. ڊاڪٽرن موجب 100 جي ويجھو لاش اسپتال جي مرده خاني ۾ پيل آهن، اي ايف پي موجب سوشل ميڊيا تي جھيڙي بابت ڪجھه وڊيوز جي تصديق ناهي ٿي سگھي پر سوشل ميڊيا تي وائر ٿيل هڪ وڊيو ۾ اسٽيڊيم جي چوڌاري ۽ اسٽيڊيم ۾ لاش نظر اچي رهيا آهن. مقامي ذريعن موجب مڇريل مظاهرين انزيريڪوري جي پوليس اسٽيشن کي به باهه ڏئي ڇڏي آهي. اکين ڏٺن شاهدن اي ايف پي کي ٻڌايو ته ميچ دوران ريفريءَ هڪ تڪراري فيصلو ڏنو، ريفريءَ جي فيصلي کان پوءِ تماشائي گرائونڊ ۾ لهي آيا ۽ ان بعد تماشائين ۾ جھيڙو شروع ٿي ويو جيڪو هڪ جنگ جي صورت اختيار ڪري ويو.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.