تازہ ترین

وزيراعظم پاران ڪمند ڪرشنگ دوران شگر ملز جي مانيٽرنگ جو فيصلو، ڪم ايف آءِ اي حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڪرشنگ سيزن دوران ايف آءِ اي شوگر ملز جي مانيٽرنگ جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم جي حڪمن تي ايف آءِ اي لاهور زون جون ٽيمون ٽن شوگر ملز تي مقرر ڪيون ويون آهن، شوگر ملز ۾ کنڊ جي پيداوار، اسٽاڪ ۽ سيلز جو روزانون جو رڪارڊ سهيڙيو ويندو، ايف آءِ اي وزيراعظم جي حڪم تي عمل ڪرڻ جي لاءِ خاص ٽيمون جوڙي ڇڏيون آهن، جيڪي شگر ملز ۾ کنڊ جي پيداوار، اسٽاڪ جو رڪارڊ پاڻ وٽ رکنديون. ٽئڪس چوري روڪڻ لاءِ ملز جي وڪري جو روزانون رڪارڊ مرتب ڪيو ويندو، شوگر ملز ۾ ڪمند جي آمد ۽ ٽرالين جي تعداد جو رڪارڊ پڻ رکيو ويندو. ايف آءِ اي لاهور زون جون ٽيمون ٽن شوگر ملز تي مقرر ڪيون ويون، ڊائريڪٽر لاهور زون سرفراز خان ورڪ ٽيمن کي ٽاسڪ ڏيندي هدايت ڪئي آهي ته سموريون ٽيمون تمام ذميواري ۽ ايمانداريءَ سان ڊيٽا گڏ ڪن.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.