تازہ ترین

Dharti TV News

عمر ايوب بعد شبلي فراز به جڊيشل ڪميشن جي ميمبرشپ تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عمر ايوب کان پوءِ شبلي فراز به جڊيشل ڪميشن جي ميمبرشپ تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، شبلي فراز جو چوڻ آهي ته هن پي ٽي آءِ باني جي هدايت تي جڊيشل ڪميشن جي ميمبرشپ تان استعيفيٰ ڏني آهي، گذريل ڏينهن اپوزيشن ليڊر عمر ايوب به جڊيشل ڪميشن جي ميمبرشپ تان استعيفيٰ ڏني […]

وزيراعظم شهباز شريف جي سعودي ولي عهد سان ملاقات

رياض (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي سعودي ولي عهد سان ملاقات، ٻنهي اڳواڻن  جي ملاقات ون واٽر  سربراهي اجلاس  جي موقعي تي ٿي، شهباز شريف ۽ محمد بن سلمان پاران لاڳاپن  ۾ تبديلي  آڻڻ  لاءِ گڏيل عزم جو اظهار ڪيو، وزيراعظم جي 6 مهينن دوران سعودي ولي عهد سان  پنجين ملاقات   ٿي آهي، ٻنهي […]

موسمياتي تبديلين سبب پاڪستان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي: شهباز شريف

رياض (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته موسمياتي تبديلين سبب پاڪستان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيل ملڪن مان آهي، پاڻي جي کوٽ دنيا جو سڀ کان وڏو مسئلو آهي، پاڻيءَ جي کوٽ سبب سوڪهڙو وڌي رهيو آهي، موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ ترقي پذير ملڪن جي مدد جي ضرورت آهي، وزيراعظم شهباز […]

پي ٽي آءِ پاڪستان کي دنيا ۾ تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي: شرجيل انعام ميمڻ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پي ٽي آءِ پاڪستان کي دنيا ۾ تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، پي ٽي آءِ مختلف انٽرنيشنل لابيز کي ٽارگيٽ ڏنو آهي، پي ٽي آءِ جي دشمني ڪنهن اداري يا سياسي جماعت سان نه پر ملڪ سان آهي، پاڪستاني ادارن […]

فلسطيني رياست جي قيام لاءِ فرانس ۽ سعودي عرب پاران گڏيل ڪانفرنس گهرائڻ جو اعلان

رياض (ويب ڊيسڪ) فلسطيني رياست جي قيام لاءِ فرانس ۽ سعودي عرب پاران گڏيل ڪانفرنس گهرائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، فرانسيسي صدر ميڪرون جو چوڻ آهي ته هو ايندڙ وقت ۾ فلسطين مسئلي جي حل لاءِ سفارتي ڪوششون وڌائيندا، تڪرار جي حل لاءِ سمورين ڌرين کي گڏ ڪندا،  فلسطيني رياست جي قيام بابت جون […]

گڏيل قومن پاران فلسطيني رياست جي قيام ۽ اسرائيل کي والاريل علائقن مان نڪرڻ جو مطالبو

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي، فلسطيني رياست جي قيام ۽ اسرائيل کي والاريل علائقن مان نڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي، ٻه رياستي حل لاءِ جنرل اسيمبلي جون ۾ عالمي ڪانفرنس سڏائڻ جو پڻ اعلان ڪيو آهي، ايوان 8 جي مقابلي ۾ 157 ووٽن تان ٺهراءُ منظور ڪري ورتو، آمريڪا ۽ اسرائيل […]

ڏکڻ ڪوريائي صدر مارشل لا ڪجهه ڪلاڪن کان پوءِ هٽائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڏکڻ ڪوريا (ويب ڊييسڪ) ڏکڻ ڪوريا جي صدر يون سوڪ لاڳو ڪيل مارشل لا ڪجهه ڪلاڪن کان پوءِ هٽائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ڏکڻ ڪوريا جي صدر، اپوزيشن تي رياست مخالف سرگرمين جو الزام لڳائيندي مارشل لا لڳائڻ جو اعلان ڪيو ته شهري روڊن تي نڪري آيا ۽ سڪيورٽي فورسز جي گاڏين اڳيان ليٽي پيا، […]

پنگريو ڀرسان زميني تڪرار تان فائرنگ، هڪ ڄڻو قتل، هڪ زخمي

پنگريو (ويب ڊيسڪ) پنگريو ڀرسان زميني تڪرار تان فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو قتل ٿي ويو جڏهن ته هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو، ڳوٺ روپاڙو ۾ زمين جي پراڻي تڪرار تان جوڻيجا ۽ آرائين برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو، گوليون لڳڻ سبب خالد چانڊيو مارجي ويو جڏهن ته جاويد جوڻيجو زخمي ٿي پيو، […]

غوثپور ۾ ڌاريلن هٿان پاڻيءَ جو وارو وهندڙ 2 ڳوٺاڻا اغوا

غوثپور  (ويب ڊيسڪ) غوثپور ڀرسان هٿياربندن هٿان 2 ڳوٺاڻا اغوا، جمال ٿاڻي جي حد ڪڻڪ جي فصل کي پاڻي ڏيندڙ ڳوٺ زنگي بهلڪاڻي واسي شڪيل ۽ لياقت بهلڪاڻي کي ڌاڙيل اغوا ڪري فرار ٿي ويا، اطلاع تي پوليس پهچي پيرا کڻي ڪچي طرف رواني ٿي وئي.

آءِ ايم ايف پاران گئس قيمتون وڌائڻ لاءِ حڪومت کي 15 فيبروريءَ تائين جي ڊيڊ لائين

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آءِ ايم ايف گئس جي قيمتن لاءِ حڪومت کي 15 فيبروري 2025ع جي ڊيڊ لائين ڏئي ڇڏي، آءِ ايم ايف حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته 15 فيبروري تائين گئس جي قيمتن ۾ واڌ جو نوٽيفيڪشن جاري ڪيو وڃي، اوگرا گئس جي قيمتن ۾ واڌ بابت فيصلو اڃا تائين وفاقي حڪومت […]

Politics

Politics

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.