تازہ ترین

وزيراعظم شهباز شريف جي سعودي ولي عهد سان ملاقات

رياض (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي سعودي ولي عهد سان ملاقات، ٻنهي اڳواڻن  جي ملاقات ون واٽر  سربراهي اجلاس  جي موقعي تي ٿي، شهباز شريف ۽ محمد بن سلمان پاران لاڳاپن  ۾ تبديلي  آڻڻ  لاءِ گڏيل عزم جو اظهار ڪيو، وزيراعظم جي 6 مهينن دوران سعودي ولي عهد سان  پنجين ملاقات   ٿي آهي، ٻنهي اڳواڻن  پاران  اقتصادي، واپاري  ۽ سيڙپڪاري لاڳاپن کي  وڌيڪ هٿي ڏيڻ تي  اتفاق  ڪيو ويو، سعودي ولي عهد محمد بن سلمان پاڪستان اچڻ جي دعوت قبولي ورتي، وزيراعظم شهباز شريف ۽ فرانسيسي صدر ميڪرون وچ ۾ به ون واٽر اجلاس جي موقعي تي ملاقات، وزيراعظم پاران رياض ۾ سمٽ جي ڪامياب ميزباني تي صدر ميڪرون کي مبارڪباد ڏني، ٻنهي اڳواڻن پاران صاف پاڻي جي شعبي ۾ رابطن ذريعي سهڪار وڌائڻ تي اتفاق، پاڪ_فرانس لاڳاپن ۾ بهتري تي اطمينان جو اظهار ڪيو.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.