رياض (ويب ڊيسڪ) فلسطيني رياست جي قيام لاءِ فرانس ۽ سعودي عرب پاران گڏيل ڪانفرنس گهرائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، فرانسيسي صدر ميڪرون جو چوڻ آهي ته هو ايندڙ وقت ۾ فلسطين مسئلي جي حل لاءِ سفارتي ڪوششون وڌائيندا، تڪرار جي حل لاءِ سمورين ڌرين کي گڏ ڪندا، فلسطيني رياست جي قيام بابت جون ۾ ڪانفرنس گهرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن جي هو سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان سان گڏ صدارت ڪندو، اسرائيل کي به ان ڳالهه تي راضي ڪيو ويندو ته ٻه رياستي حل انهن لاءِ به بهتر آهي.