تازہ ترین

Dharti TV News

ڊونلڊ ٽرمپ هڪ ڀيرو ٻيهر 47 هين آمريڪي صدر طور حلف کڻي ورتو

واشنگٽن (انٽرنيشنل ڊيسڪ) ڊونلڊ ٽرمپ هڪ ڀيرو ٻيهر 47 هين آمريڪي صدر طور حلف کڻي ورتو، آمريڪي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جان رابرٽس ڊونلڊ ٽرمپ کي حلف کڻايو، آمريڪي اڳوڻو صدر جوبائيڊن، ڪاملا هيرس، بل ڪلنٽن، هيلري ڪلنٽن، جارج ڊبليو بش، بارڪ اوباما، بورس جانسن، ايلون مسڪ، ميٽا جو سي اي او مارڪ زڪربرگ، […]

ڪراچي: ملير جي رفاه عام سوسائٽي ۾ فائرنگ، نوجوان ۽ ناري قتل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچيءَ جي ملير جي علائقي رفاه عام سوسائٽي ۾ گهر اندر فائرنگ جي نتيجي ۾ نوجوان ۽ ناري قتل ٿي ويا، پوليس موجب واقعو غيرت جي نالي تي پيش آيو، مقتولا ناري جي پيءُ کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪيو ويو آهي.

ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ڪومبنگ آپريشن، ڪئين شڪي گرفتار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ڪومبنگ آپريشن، ايف بي ايريا جي مدينا ڪالوني ۽ عزيز آباد جي ڀنگوريه ڳوٺ ۾ ايندڙ ويندڙ رستا سيل ڪري گهر گهر جھڙتي ورتي وئي، پاڪستان بازار ٿاڻي جي حد سيڪٽر 16۾ سرچ آپريشن ڪيو ويو، شڪي ماڻهن جي بايوميٽرڪ تصديق ڪئي وئي.

پني عاقل ۾ نوجوان جو گوليون لڳل لاش هٿ

پنو عاقل (ويب ڊيسڪ) پني عاقل ۾ نوجوان جو گوليون لڳل لاش هٿ آيو، نئين ريڍي وٽ الشفا اسپتال ڀرسان اختر علي آرائين جو گوليون لڳل لاش مليو، علائقي واسين لاش کڻائي تعلقي اسپتال منتقل ڪرائي ڇڏيو، پوليس معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي.

خانپور مهر ڀرسان ڪار ۽ ٽريڪٽر ٽرالي ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت، 3 زخمي

خانپور مهر (ويب ڊيسڪ) خانپور مهر ڀرسان ڪار ۽ ٽريڪٽر ٽرالي ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو جڏهن ته 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، شيرو مهر وٽ گهوٽڪي کان ايندڙ ڪار ۽ ٽريڪٽر ٽرالي وچ ۾ ٽڪر ٿي پيو، حادثي ۾  ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ دايو فوت ٿي ويو، زخمين کي اسپتال […]

مدئجي ويجهو چور 11 هزار وولٽ بجلي جون تارون لاهي ويا، احتجاج

مدئجي (ويب ڊيسڪ) مدئجي ويجهو چور بجلي جون تارون لاهي فرار ٿي ويا، مختلف ڳوٺن کي  بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي، ڄهٻر شيخ ٿاڻي جي حد ڳوٺ هڪڙا ڀرسان چور ٿنڀن تان 11 هزار وولٽ جون بجليءَ تارون لاهي کڻي ويا، چوري واقعي خلاف ڳوٺ هڪڙا جي رهواسين احتجاجي مظاهرو ڪيو، سندن چوڻ هو […]

وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڄ ٿيندو

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڄ ٿيندو، اجلاس ۾ 16 ايجنڊا آئٽمز تي ويچاريو ويندو، اِي سي سي جي فيصلن جي منظوري ڏني ويندي، اجلاس ۾ سياسي ۽ معاشي معاملن تي غور ڪيو ويندو.

گوادر ايئرپورٽ پاڪ-چين دوستيءَ جو اعليٰ مثال آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف پاران بچاءُ واري وزير خواجا آصف ۽ بلوچستان جي وڏي وزير کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي، وزيراعظم پاران نيو گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي اڏامون شروع ٿيڻ تي اطمينان جو اظهار، ان موقعي تي وزيراعظم پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته گوادر ايئرپورٽ خطي ۾ مواصلاتي رابطن  […]

ڳالهين جي ڪاميابي پاڪستان لاءِ ضروري سمجهون ٿا: بئريسٽر گوهر

راولپنڊي (نيشنل ڊيسڪ) پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته ڳالهين جي ڪاميابي پاڪستان لاءِ ضروري سمجهون ٿا، ڳالهين ۾ تڪڙ ڪرڻ بدران صبر جو مظاهرو ڪرڻو پوندو. اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي بئريسٽر گوهر  چيو ته ڊونلڊ ٽرمپ جي حلف برداري جا دعوت ناما سرڪاري سطح تي ناهن آيا، عرفان صديقي […]

نو مئي واقعي بابت جڊيشل ڪميشن نه ٺاهڻ جو فيصلو

اسلام آباد (نيشل ڊيسڪ) 9 مئي واقعي بابت جڊيشل ڪميشن نه ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومتي ڳالهين واري ڪميٽي جو پي ٽي آءِ ڪميٽي لاءِ جواب تيار ڪيو ويو، جواب ۾ چيو ويو آهي ته عدالتن ۾ هلندڙ ڪيسن تي جڊيشل ڪميشن نه ٿي ٺهي سگهي، […]

Politics

Politics

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.