تازہ ترین

مدئجي ويجهو چور 11 هزار وولٽ بجلي جون تارون لاهي ويا، احتجاج

مدئجي (ويب ڊيسڪ) مدئجي ويجهو چور بجلي جون تارون لاهي فرار ٿي ويا، مختلف ڳوٺن کي  بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي، ڄهٻر شيخ ٿاڻي جي حد ڳوٺ هڪڙا ڀرسان چور ٿنڀن تان 11 هزار وولٽ جون بجليءَ تارون لاهي کڻي ويا، چوري واقعي خلاف ڳوٺ هڪڙا جي رهواسين احتجاجي مظاهرو ڪيو، سندن چوڻ هو ته  تارون چوري ٿيڻ سبب 5 کان وڌيڪ ڳوٺن کي بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي آهي، چوري ٿيل تارون واپس ڪرائي جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري متاثر ڳوٺن جي فوري طور بجلي بحال ڪئي وڃي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.