تازہ ترین

ايڊيشنل رجسٽرار خلاف توهين عدالت ڪيس، جسٽس منصور جو بينچ جي 2 ججز تي اعتراض

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي ايڊيشنل رجسٽرار جڊيشل جي خلاف توهين عدالت ڪيس ۾ جسٽس منصور علي شاهه انٽرا ڪورٽ اپيل جي بينچ تي اعتراص اٿاري ڇڏيو. جسٽس منصور علي شاهه ججز ڪميتي کي خط لکي ڇڏيو جنهن ۾ هن بينچ ۾ جسٽس جمال مندوخيل ۽ جسٽس محمد علي مظهر جي شموليت تي اعتراض واريا، جسٽس منصور علي شاهه خط ۾ لکيو ته 23 نومبرتي جڊيشل ڪميشن اجلاس ٿيو، اجلاس بعد چيف جسٽس پنهنجي چيمبر ۾ ڪميٽي جي غير رسمي اجلاس سڏايو، اجلاس ۾ تجويز ڏني ته سينارٽي جي اعتبار کان 5ميمبرن واري انٽرا ڪورٽ اپيل تي ٺاهي وڃي، تجويز ڏني وئي ته بينچ ۾ انهن ججز کي شامل نه ڪيو وڃي جيڪي ڪميٽي جا ميمبر آهن. خط ۾ جسٽس منصور علي شاهه لکيو ته چيف جسٽس چيو ته هو چار رڪني بينچ ٺاهڻ پسند ڪندو، رات 9 وڳي 33 منٽ تي منهنجي سيڪريٽري جو واٽس ايپ ميسيج آيو، سيڪريٽريءَ مون کي 6 رڪني بينچ جي منظوريءَ جو پڇيو، مون سيڪريٽري کي ٻڌايو ته مون کي ان تي اعتراص آهي، صبح جو جواب ڏيندس. رات جو 10 لڳي 28 منٽن تي سيڪريٽري ٻڌايو ته 6 رڪني بينچ ٺهي وئي آهي. جسٽس منصور علي شاهه وڌيڪ چيو ته سيڪريٽري ٻڌايو ته روسٽر به جاري ڪيو ويو آهي، منهنجو بينچ جي ٻن ميمبرن جي حد تائين اعتراض آهي. بينچز اختيارن جو ڪيس اسان واپس وٺڻ جو فيصلو ٻنهي ڪميٽين ڪيو، ڪميٽين ۾ شامل ججز جي فيصلي تي ئي سوال آهن. سندس چوڻ هو ته ڪميٽي ۾ شامل ميمبر پنهنجي ڪئي ڪرائي تي پاڻ جج نٿا بڻجي سگھن، منهنجي اعتراضن کي رڪارڊ جوحصو بڻايو وڃي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.