ڪنڌڪوٽ (ويب ڊيسڪ) ڪنڌڪوٽ جي عدالت قتل ڪيس ۾ اڳوڻي ايس ايڇ او سميت 5 جوابدارن جي ضمانت رد ڪري ڇڏي، سيشن ڪورٽ اڳوڻي ايس ايڇ او احمد نواز جکراڻي، وڏي منشي عبدالله چني، فياض جکراڻي، عبدالرشيد جکراڻي ۽ ضياالحق جکراڻي جي ضمانت رد ڪئي، پنج ئي جوابدار پوليس ڪسٽڊي ۾ ڏنا ويا، 2 سال اڳ ٻن نوجوانن اسد الله شيخ ۽ مير خان شيخ کي جڙتو مقابلي ۾ قتل ڪيو ويو هو.