ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ هٿياربندن هڪ گهر ۾ داخل ٿي ٻِن ڀائرن کي قتل ڪري ڇڏيو، فائرنگ ۾ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، واٽر اينڊ سيوريج بورڊ جِي رهائشي ڪالوني ۾ واقعو پيش آيو، هٿياربندن گهر ۾ داخل ٿي فائرنگ ڪري ڏني جنهن دوران ٻه ڀائر 20 سالن جو سميع الله ۽ 45 سالن جو اسد الله قتل ٿي ويا، 35 ورهين جو امير عبدالله ۽ 44 ورهين جو اڪرام الله زخمي ٿي پيا، پوليس جو چوڻ آهي ته متاثر ڪٽنب جي ٻارن جو گذريل ڏينهن پاڙي ۾ گذرندڙ ڇوڪرن سان جهيڙو ٿيو هو، جنهن تان واقعو پيش آيو، واقعي جي مختلف رُخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي.