اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) پي ٽي آءِ جو قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سان رابطو، ڳالهين واري ڪميٽي جو ٽيون اجلاس گهرائڻ جي درخواست، اياز صادق پاران پي ٽي آءِ کي ڳالهيون واري ڪميٽي جو اجلاس گهرائڻ جي خاطري ڪرائي، پي ٽي آءِ اڳواڻ سلمان اڪرم راجا جو چوڻ آهي ته ڳالهين وارو عمل جاري آهي، 15جنوري تي ڳالهيون جو ٽيون دور ٿيندو، هو ڊيل نه پيا ڪن ۽ نه ئي ڪا سهولت گهري رهيا آهن.