لاهور (نيشنل ڊيسڪ) پنجاب ۾ پنهنجو گهر پنهنجي ڇت منصوبو شروع ڪرڻ جو اعلان، 5 لک گهر ٺاهي ڏيڻ جو فيصلو، وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز چيو آهي ته پنهنجو گهر پنهنجي ڇت اسڪيم تحت اهم قدم کنيا پيا وڃن، منصوبي تحت 15 لک رپين تائين بنا وياج جي آسان قرض ڏنو ويندو، هڪ سال ۾ هڪ لک گهر ڏيڻ جو منصوبو آهي، پنج ورهين ۾ 5 لک خاندانن کي گهر ڏنا ويندا، بي گهر شهرين کي زمين ڏيڻ جي منصوبي تي به ڪم جاري آهي.