لاهور (اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ جي ڏهين ايڊيشن جو پليئرز ڊرافٽ اڄ ٿيندو، ايونٽ جون 6 فرنچائزز پنهنجون پنهنجون ٽيمون جوڙينديون، پي ايس ايل جي 10هين ايڊيشن جو ڊرافٽ حضوري باغ لاهور ۾ ٿيندو، 6 فرنچائز پلاٽينم، ڊائمنڊ، گولڊ، سلور، ايمرجنگ ۽ سپليمنٽري ڪيٽيگريز ۾ رانديگرن جي چونڊ ڪري اسڪواڊ کي حتمي شڪل ڏينديون، دنيا جي مشهور رانديگرن رجسٽريشن ڪرائي ورتي.