اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم پاران ناڻي جي ذخيرن ۾ رڪارڊ اضافي تي قوم کي واڌايون پيش ڪيون آهن، شهباز شريف چيو آهي ته ڊسمبر 23 کان ڊسمبر 2024 تائين ذخيرن ۾ 29 ڏهائي 3 سيڪڙو واڌ ٿي، ڊسمبر 2024 تائين 3 ڏهائي هڪ ارب ڊالر ذخيرا وصول ڪيا، پاڪستان معاشي استحڪام کان پوءِ معاشي ترقي جي دڳ تي هلي رهيو آهي، ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۾ اوور سيز پاڪستانين جو اهم ڪردار آهي.