ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملير ايڪسپريس وي کي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ايڪسپريس وي نالو ڏيڻ جو فيصلو، پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري 11 جنوري تي ملير ايڪسپريس وي جو افتتاح ڪندو، سنڌ سرڪار پاران ڪراچي ۾ ڄام صادق پل جي به نئين سر اڏاوت جو فيصلو ڪيو ويو آهي، صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته سنڌ ۾ اربين رپين جي ترقياتي منصوبن تي ڪم جاري آهي، ڄام صادق پل ڊاهي نئين سِر ٺاهي ويندي، اٺن مهينن نئين پل جو ڪم مڪمل ٿي ويندو، ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته تاثر ڏنو ويندو آهي ته پ پ ڪم نه ڪندي آهي، ان تاثر کي غلط ثابت ڪري ڏينداسين. ڪراچيءَ جا مسئلا حل ڪرڻ پ پ جي اولين ذميواري آهي، مخالفن کي ڪئمرا جي اک ذريعي جواب ڏنو ويندو.