اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته ناڪاري سياست جي خاتمي سان معاشري ۾ استحڪام پيدا ٿيندو، اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي احسن اقبال چيو ته ملڪي ترقي لاءِ سڀني کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، ايڪسپورٽ ۾ اضافو پهرين ترجيح آهي، اسلام آباد ۾ ڊبنگ سينٽر قائم ڪيو آهي، ساليانو 2 لک نوجوانن کي آءِ ٽي جي تربيت ڏني ويندي.