ڪرچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ سياري جي پھرين برسات بعد ٿڌ ۾ واڌ ٿي وئي. ڪراچي شهر جي علائقن گلشن معمار، اورنگي، سرجاني ٽائون، يونيورسٽي روڊ، نارٿ ناظم آباد ۾ برسات پئي، جڏهن ته ايم اي جناح روڊ، نمائش چورنگي، ڪارساز، گلستان جوھر ۾ به صبح ساڻ هلڪي برسات پئي. ٻئي طرف ملڪ جي بلوچستان جي اترين علائقن ۾ برفباري ۽ برسات جو سلسلو جاري آهي، موسميات کاتي پاران برسات ۽ برفباري 5 جنوري تائين جاري رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.