پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته اسان جو مطالبوآهي ته باني پي ٽي آءِ کي آزاد ۽ مينڊيٽ واپس ڪيو وڃي، تحريڪ جي حوالي سان باني جيڪو به فيصلو ڪندو ان تي عمل ڪنداسين، ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي ملڪ کي نقصان پهچائي رهيون آهن، انهن جو اهڙو انجام ٿيندو جيڪو تاريخ جو حصو بڻجي ويندو، صوبائي حڪومت امن امان لاءِ قدم کڻي رهي آهي، دهشتگردي کي ڪنٽرول ڪري وٺنداسين.