اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي دوري تي سعودي عرب پهچي ويو، سعودي مملڪتي گهرو وزير ڊاڪٽر خالد عبدالله سان ملاقات، پاڪ- سعودي ٻه طرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ، گهرو وزير محسن نقوي چيو ته سعودي عرب پاڪستان جو اعتماد جوڳو دوست آهي، سعودي گهرو وزير ڊاڪٽر خالد عبدالله چيو ته سعودي جا پاڪستان سان انتهائي گهرا لاڳاپا آهن.