اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف اتر وزيرستان جي ضلعي ۾ ٻن الڳ الڳ ڪامياب ڪاررواين ۾ 7 خارجي دهشتگردن جي مارجڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي تعريف ڪئي آهي. پنهنجي الڳ الڳ بيانن ۾ هنن چيو ته دهشتگردن سان بهادريءَ سان وڙهندي شهادت ماڻڻ تي لانس نائيڪ محمد امين شهيد کي ڀيٽا پيش ڪئي. پنهنجي پيغام ۾ صدر شهيد امين جي درجن جي بلنديءَ جي لاءِ دعا ڪئي ۽ سوڳوار خاندان سان تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر ملڪ ۾ پرڏيهي فتني جي خاتمي تاين آپريشن جاري رکڻ جي ارادي جو ورجاءُ ڪيو، پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم شهباز شريف شهيد جي درجن جي بلندي ۽ سوڳوار خاندان سان دلي همدرديءَ جو اظهار ڪيو، وزيراعظم چيو ته پوري قوم سيڪيورٽي فورسز کي سلام پيش ڪري ٿي ۽ دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ ساڻن ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي. فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز طرفان ميرانشاهه ۾ ڳجھي اطلاع جي بنياد تي ڪارروائي ۾ چار خارجين کي ماريو ويو جڏهن ته سپين وام ۾ هڪ ٻي ڪارروائيءَ ۾ سيڪيورٽي فورسز وڌيڪ ٽِن خارجين کي ماري ڇڏيو. سخت فائرنگ جي ڏي وٺ دوران هڪ بادر پٽ لانس نائيڪ محمد امين بهادريءَ سان وڙهندي شهيد ٿي ويو.