اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان آمريڪا جي وقتي سفير نيٽلي بيڪر جي ملاقات، پاڪ آمريڪا لاڳاپا ۽ ٻطرفي سهڪار وڌائڻ تي ڳالهيون، نيٽلي بيڪر پاران اسلام آباد ۾ پوليس ۽ رينجرز اهلڪارن جي شهادت تي تعزيت جو اظهار، گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته غيرقانوني ترسيل پرڏيهن کي اسلام آباد ۾ رهڻ جي اجازت هرگز نه ڏني ويندي،ايف آءِ اي کي ايف بي آءِ جيان جديد ترين ادارو بنائڻ چاهين ٿا ۽ ايف آءِ اي سڌارن بابت مدد تي هو آمريڪا جي آجيان ڪندا.