اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل عاصم منير سان برطانيا ۾ گولڊ ميڊل حاصل ڪندڙ پاڪستان آرمي ٽيم جي ملاقات ڪئي، آرمي چيف عالمي پليٽ فارم تي پاڪستان جي وقار کي برقرار رکڻ تي ٽيم جي ڪاميابي تي واکاڻ ڪئي، آءِ ايس پي آر موجب مشق 4 کان 13 آڪٽوبر 2024 تائين برطانيا ۾ ٿي، مشق ۾ 143 ٽيمن شرڪت ڪئي، مشق ڪيمبرين پيٽرول عالمي سطح تي سڀ کان وڌيڪ چئلينجنگ فوجي مشقن منجهان هڪ آهي، ڪيمبرين پيٽرول مشق وچ ويلز جي جابلو علائقي ۾ ڪئي ويندي آهي.