دمشق (ويب ڊيسڪ) شام مان پاڪستانين جي لڏپلاڻ، وزيراعظم شهباز شريف لبناني هم منصب کان مدد گهري ورتي، پاڪستانين جي لڏپلاڻ واري معاملي تي وزيراعظم شهباز شريف جو لبناني وزيراعظم نجيب ميقاطي سان رابطو، شهباز شريف چيو ته شام ۾ هن وقت 6 سئو پاڪستاني ڦاٿل آهن، سندن واپسي لبنان ذريعي ئي ممڪن آهي، شام جا سمورا ايئرپورٽس بند آهن، ڦاٿل پاڪستانين جي وطن واپسي لاءِ صرف زميني رستو ئي استعمال ٿي سگهي ٿو، لبناني وزيراعظم خاطري ڪرائي ته 6 سئو هجن يا وڌيڪ پاڪستاني ڦاٿل هجن، سڀني کي ويزا جاري ڪيا ويندا، ذريعن موجب پاڪستاني شهرين جي ڏيهه واپسي لاءِ لبنان ويزا ڏيڻ تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو.