ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سان چيني ڪاروباري وفد جي ملاقات، اجلاس ۾ هر شعبي لاءِ گڏيل ورڪنگ گروپس جوڙڻ تي اتفاق، منصوبن جي تفصيلن کي قطعي شڪل ڏيڻ لاءِ فالو اپ ميٽنگز جو شيڊول جوڙڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو، وڏي وزير سيڙپڪاري ۽ ترقي جي موقعن بابت وفد کي آگاهه ڪيو، چيني وفد کي زراعت، لائيو اسٽاڪ، توانائي ۽ صنعتي پيداوار تي بريفنگ ڏني وئي، چيني سيڙپڪارن شمسي ۽ هوا مان بجلي پيدا ڪرڻ جي رٿا ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي.