تازہ ترین

چيمپيئنز ٽرافيءَ جو معاملو ووٽنگ مرحلي کان اڳ حل ٿيڻ جي اميد

دبئي (اسپورٽس ڊيسڪ) چيمپيئنز ٽرافيءَ جو معاملو ووٽنگ مرحلي کان اڳ حل ٿيڻ جي اميد آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ۽ ڀارتي بورڊ پاڪستان جي فارمولي تي اتفاق ڪيو ته معاملو ووٽنگ تائين نه ويندو. نئين فارمولي بابت ڀارتي بورڊ کي آگاهه ڪرڻو آهي پوءِ ڳالهه اڳتي وڌندي ۽ ٽئي ڌريون نئين فارمولي جي ڪنهن نتيجي تي پهتيون ته امڪان آهي ته بورڊ ميٽنگ جي ضرورت ئي نه پوي. ذريعن موجب امڪاني طور فارمولا طئي ٿيڻ تي بورڊ ميمبرز کي آگاهه ڪيو ويندو، ان فارمولا جو نالو هائبرڊ نه هوندو پر ان کي ڪو ٻيو نالو ڏنو ويندو. هي فارمولو چيمپئينز ٽرافي تي لاڳو ٿيندو ۽ 3 سالن تائين هلندو جنهن تحت ڀارت دبئي ۾ ميچون کيڏندي، ذريعن موجب چيمپئنز ٽرافي جي شيڊيول ۽ وينيو جو معاملو اڄ يا سڀاڻي تائين حل ٿيڻ جي اميد آهي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.