ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ثقافتي ڏهاڙي جي موقعي تي ڌرتي ٽي وي طرفان نئين ثقافتي گيت جو ٽيزر جاري، ”ڌرتي، ڌرتي، هي سنڌ اسان جي ڌرتي“ جي ٽائٽل سان جاري ڪيل گيت ۾ مائي ڍائي، شمن علي ميرالي، منظور سخيراڻي ۽ شفيع فقير سميت 14 فنڪارن پنهنجي سريلي آواز جو جادو جاڳايو آهي، ثقافتي گيت جي لانچنگ جي تقريب اڄ ڪراچي جي پورٽ گرينڊ ۾ ٿيندي، شاعر وسيم گل جي لکيل گيت جي ميوزڪ ڪمپوزيشن ۽ هدايتڪاري زيڊ اي شاني ڏني آهي.