تازہ ترین

عمران خان، بشريٰ بي بي ۽ گنڊاپور سميت 75 پي ٽي آءِ اڳواڻن خلاف دهشتگردي ائڪٽ تحت ڪيس داخل

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) باني پي ٽي آءِ عمران خان، سندس گھر واري بشريٰ بي بي، اڳوڻي صدر عارف علوي، ڪي پي وڏي وزير علي امين گنڊاپور ۽ عمر ايوب سميت ڪيترن ئي پي ٽي آءِ اڳواڻن جي خلاف دهشتگرديءَ جي قلمن تحت ڪيس داخل ڪيا ويا. پي ٽي آءَ اڳواڻن خلاف راولپنڊي جي ٿاڻي نصيرآباد ۾ ڪيس داخل ڪيا ويا آهن جن ۾ عليمه خان، حماد اظهر، اسد قيصر، شهريار رياض سميت 75 پي ٽي آءِ اڳواڻن کي به نامزد ڪيو ويو آهي. ڪيس جي متن ۾ چيو ويو آهي ته عمران خان 22 نومبر تي اڊيالا جيل ۾ پارٽي اڳواڻن سان ملاقات ۾ عوام کي اسلام آباد تي چڙهائيءَ لاءِ ڀڙڪايو، جڏهن ته بشريٰ بي بي سوشل ميڊيا تي جاري بيان ۾ ڪارڪنن کي چڙ ڏياري. ڪيس ۾ چيو ويو آهي ته جوابدارن سازش جي تحت روڊ بلاڪ ڪري عوام جو رستو روڪيو، جوابدارن پوليس آفيسرن تي ڏنڊن، غليلن، شيشن ۽ پٿرن سان حملا ڪيا. راولپنڊي ۾ داخل ڪيس ۾ دهشتگرديءَ سميت گڏيل طور 16 قلم شامل ڪيا ويا آهن.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.