تازہ ترین

سمور اڪيس آئيني بئچز ڏانهن نه کڻي وڃو، ڪجھه اسان وٽ به رهڻ ڏيو: جسٽس منصور علي شاهه

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي جسٽس منصور علي شاهه هڪ ڪيس جي ٻڌڻيءَ دوران رمارڪس ڏيندي چيو ته سمورا ڪيس آئيني بئنچز ڏانهن نه کڻي وڃو، ڪجھه ڪيس اسان وٽ به رهڻ ڏيو. سوئي ناردرن گئس طرفان واڌو بلن بابت ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس عقيل عباسيءَ تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ڪئي. درخواست گذار جي وڪيل چيو ته هِن ڪيس جي نظرثاني ته اڃا التويٰ هيٺ آهي، 26 هين ترميم کان پوءِ هاڻ هي ڪيس آئيني بئنچ ۾ ويندو. جسٽس منصور علي شاهه رمارڪس ڏيندي چيو ته هِن ڪيس ۾ ڪو به آئيني يا قانوني سوال موجود نه آهي، سمورا ڪيس آئيني بئنچز ڏانهن نه کڻي وڃو. سپريم ڪورٽ جي فاضل جج مسڪرائيندي رمارڪس ڏنا ته ڪجھه ڪيس اسان وٽ به رهڻ ڏيو. عدالت سوئي ناردرن جي واڌو بلنگ واري ڪيس کي اڪلائي ڇڏيو ۽ چيو ته التويٰ نظرثاني هيٺ ڪيس ۾ درخواستگذار سوال اٿاري سگھي ٿو.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.