تازہ ترین

ڀارت کان ايندڙ گدليون هوائون لاهور کي متاثر ڪري رهيون آهن: مريم اورنگزيب

لاهور (ويب ڊيسڪ)پنجاب جي صوبائي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ڀارت کان ايندڙ گدليون هوائون لاهور جي هوا کي متاثر ڪري رهيون آهن، لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مريم اورنگزيب چيو ته لاهور ۾ هوائي گدلاڻ جي صورتحال وڌيڪ منجھي وئي آهي، لاهور جو ايئر ڪوالٽي انڊيڪس هڪ هزار کان وڌي ويو آهي. مريم اورنگزيب چيو ته ڀارت کان آيل فضائي گدلاڻ هڪدم لاهور ۾ پکڙجي وئي آهي، مانيٽرنگ ۽ ڪلين اپ آپريشن به لاڳيتو جاري آهي، فضائي گدلاڻ جي اثرن کان بچڻ لاءِ عوام احتياطي تدبيرن تي سختيءَ سان عمل ڪري، صوبائي وزير چيو ته ڀارت سان ڳالهائڻ کان سواءِ مسئلو حل نه ٿيندو. لاهور ۾ هڪ هفتي جي لاءِ سمورا خانگي ۽ سرڪاري پرائمري اسڪول بند ڪيا ويا آهن، جنهن بابت لاڳاپيل اختيارين کي آگاهه به ڪيو ويو آهي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.