تازہ ترین

حسن ابدال ۾ پوليس مقابلي بعد پي ٽي آءِ وڪيل انتظار پنجوٿا بازياب

اٽڪ (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني جو مغوي وڪيل انتظار پنجوٿا پوليس جي مبينا مقابلي بعد اَٽڪ مان بازياب ڪرايو ويو، ڊي پي او اٽڪ موجب پوليس شڪي گاڏي کي روڪڻ جو اشارو ڪيو ته جوابدارن گاڏي نه بيهاري، صدر حسن ابدال ٿاڻي جي حد ۾ ناڪابندي ڪري جوابدارن کي روڪيو ته هُنن فائرنگ ڪئي، جوابي فائرنگ بعد گاڏي ڇڏي فرار ٿي ويا، شڪي گاڏيءَ جي جھڙتي وٺڻ دوران گاڏي ۾ ويٺل شخص پنهنجو نالو پي ٽي آءِ وڪيل انتظار پنجوٿا ٻڌايو، جوابدارن مغوي وڪيل جون ڄنگهون ٻڌي کيس گاڏي ۾ ويهاريو هو ۽ کيس اڻڄاتل هن تي منتقل ڪري رهيا هئا. بازيابيءَ بعد پي ٽي آءِ وڪيل انتظار پنجوٿا ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي چيو ته 2 ڪروڙ رپيا ڀنگ لاءِ مون کي هٿياربندن پاران اغوا ڪيو ويو هو، جوابدارن تشدد جو نشانو بڻايو آهي، پنجاب پوليس مبينا مقابلي بعد بازياب ڪرايو، انتظار پنجوٿا موجب کيس 8 آڪٽوبر تي اسلام آباد مان اغوا ڪيو ويو هو، جوابدار پشتو ٻولي ڳالهائي رهيا هئا، سمجهه ۾ نه پيو اچي ته ڇا پيا ڳالهائين، 3 کان 4 ڪلاڪن جي سفر بعد خبر ناهي ڪٿي رکيو ويو هو، جوابدارن مون کي لاڳيتو ٻڌي رکيو هو.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.