تازہ ترین

اسرائيلي فوج پاران حماس جي سينيئر اڳواڻ کي شهيد ڪرڻ جي دعويٰ

غزه (ويب ڊيسڪ) اسرائيلي فوج طرفان حماس جي سينيئر اڳواڻ عزيزالدين قصاب کي شهيد ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب بيت لاهيه ۾ اسرائيلي فوج پنهنجا حملا جاري رکيا جتي بمباريءَ جي نتيجي ۾ 5 فلسطيني شهيد ٿي ويا. اسرائيلي فوج نصيرت ڪئمپ جي چوڌاري به ٽئنڪن سان گولا وسايا نتيجي ۾26 معصوم فلسطيني شهيد ٿي ويا، جڏهن ته اسرائيل حماس جي سينيئر اڳواڻ عزيزالدين قصاب کي پڻ شهيد ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ٻئي طرف لبنان جي مختلف حصن تي اسرائيلي بمباريءَ سبب 52 عام شهري شهيد ۽ 72 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا. ياد رهي ته غزه جنگ شروع ٿيڻ کان هن وقت تائين اسرائيلي فوج جا 778 آفيسر ۽ اهلڪار مارجي چڪا آهن، جنهن جي اسرائيلي عملدارن تصديق به ڪئي آهي. اسرائيلي عملدارن موجب غزه ۾ حماس سان ويڙهه ۾ 366 اسرائيلي فوج مارجي ويا، اسرائيل ۽ لبنان کان حملن ۾ 62 اسرائيلي فوجي ماريا ويا جڏهن ته غزه ۾ 58 اسرائيلي پوليس آفيسر به موت جو شڪار ٿيا.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.