تازہ ترین

ڇويهين آئيني ترميم آندي، 126 آڻڻي پئي ته آڻينداسين: طلال چوڌري

فيصل آباد (ويب ڊيسڪ) نون ليگ سينيٽر طلال چوڌري چيو آهي ته 26 آئيني ترميم آندي آهي، 126 هين به ڪرڻي پئي ته ڪنداسين. فيصل آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهه ٻول  ڪندي طلال چوڌري چيو ته چيف جسٽس آف پاڪستان جي حلف برداري تقريب ۾ ڪي پي جو وڏو وزير علي امين گنڊاپور سوا ڪلاڪ پهريون پهچي ويو هو. هن چيو ته پي ٽي آءِ وارا ڪڏهن چون ٿاڊيل ٿي وئي آهي، هاڻي چون ٿا ته ٽرمپ کٽيندو ته اهو اچي کين ڇڏائيندو. طلال چيو ته هي ماڻهو پاڪستان لاءِ لابنگ ڪندا آهن ۽ ڪانگريس کان خط لکرائيندا آهن، نون ليگ سينيٽر چيو ته پاڪستان ۾ سياسي استحڪام ڏکيائي سان قائم ڪيو ويو آهي، غريبن کي سک جو ساهه کڻڻ جو موقعو مليو آهي، ملڪ ۾ مهانگائي گهٽ ٿي آهي. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف سيڙپڪاري لاءِ هر هنڌ وڃي رهيو آهي، پي ٽي آءِ جا ماڻهو سعودي وفد کي روڪڻ چاهين پيا، سندس چوڻ هو ته غريب جي چلهه ٻرڻ شروع ٿي آهي، جيڪا بند ٿيڻ نه ڏينداسين. ن ليگي سينيٽر طلال چوڌري وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ وارن کي تڪليف ڪهڙي ڳالهه تي آهي، تحريڪ هلائڻ ۾ ناڪام ٿي ويا، هِنن جي پرڪارن تي ڪا به ڊيل نه ٿيندي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.