تازہ ترین

سنڌ سرڪار  صوبي ۾ ٽرانسپورٽ کاتي جون  زمينون  ۽ عمارتون  مهيني اندر خالي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

سنڌ سرڪار  صوبي ۾ ٽرانسپورٽ کاتي جون  زمينون  ۽ عمارتون  مهيني اندر خالي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو،ان لاءِ  ايس ايم  ٽي اي  بورڊ  منظوري ڏئي ڇڏي آهي .

سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ  جي صدارت هيٺ  سنڌ ماس  ٽرانزٽ  اٿارٽي  بورڊ جو 12 هون اجلاس ٿيو .

بورڊ جي اجلاس ۾ سڄي سنڌ ۾ ٽرانسپورٽ  کاتي  جون عمارتون  ۽ زمينون هڪ مهيني اندر  خالي ڪرائڻ جي منظوري ڏني وئي .

اجلاس ۾  ايس ايم  ٽي اي  بورڊ جي  يارهين اجلاس  جَي   منٽس جِي به منظوري ڏني وئي .

بورڊ جي اجلاس ۾ ڊويزنل سطح تي ايس ايم ٽي اي جي آفيسن جي قيام  جي به منظوري  ڏني وئي .

اجلاس ۾ ايس ايم ٽي اي ۾ڪانٽريڪٽ  تي  مقرر  ملازمن  جي ڪانٽريڪٽس  ۾ واڌ  جي منظوري  ايڇ آر  ڪميٽي سان مشروط ڪئي وئي .

 بورڊ جي اجلاس ۾  ييلو  لائين بي آرٽِي  جي لاٽ  ٽو جا  ڪانٽريڪٽس  جاري ڪرڻ   جي حوالي سان  غور ويچار ڪيو ويو .

اجلاس کي خطاب ڪندي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ سرڪار ٽرانسپورٽ جي سمورن  پراجيڪٽس کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ چاهي ٿي .

هن چيو ته نگران حڪومت ۾  بي آرٽي  منصوبن تي  ڪم روڪيو ويو هو ،جنهن سبب   منصوبن ۾ دير  ٿي .

سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته  ٽرانسپورٽ جي منصوبن ۾ دير برداشت نه ڪئي ويندي.

اجلاس ۾  ڄام صادق  پل  تي جاري  ترقياتي ڪم ۽ ييلو  لائن  لاءِ ڊيپوز  جي قيام  تي به ڳالهه ٻولهه  ڪئي وئي.

ايس ايم  ٽي اي بورڊ  اجلاس  ۾ اي وِي  پاليسي  تي به غور ويچار ڪيو ويو . اجلاس ۾ميئر سکر ارسلان شيخ، ميئر حيدرآباد ڪاشف سومري، سيڪريٽري ٽرانسپورٽ  اسد ضامن ،  ايم ڊي  ايس  ايم  ٽي اي  ڪمال دائي ،  ڊي آءِ جي ٽرئفڪ  احمد نواز چيما، پي اين ڊي عملدار ۽ ٻيا شريڪ ٿيا

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.