تازہ ترین

صدر مملڪت آصف علي زرداريءَ وڏن زميندارن تي ٽيڪس لڳائڻ جي حمايت ڪري ڇڏي

لاهور ۾ پروفيسر مير ميموريل سيمينار سان ڳالهائيندي آصف علي زرداريءَ چيو ته پروفيسر وارث مير کان شهيد بينظير ڀٽو صلاح مشورا ڪندي هئي

هن جو چوڻ هو ته ميڊيا تي جيتري مون مٿان تنقيد ٿي آهي شايد ڪنهن تي به نه ٿي هجي، مان ٽي وي ناهيان ڏسندو، گلا کي پنهنجي لاءِ ثواب سمجهندو آهيان

صدر چيو ته اڄ سوشل ميڊيا جو دور آهي، هر ڳالهه دنيا جي سامهون رکي ويندي آهي، پر سوشل ميڊيا ۾ به گروپنگ نظر ايندي آهي، ڪجهه دوستن کي سمجهه ناهي ايندي اهي انڪم ٽيڪس لڳايا پيا وڃن، ملڪ ٺاهڻ لاءِ ماليات ۽ شين جي به اهميت هوندي آهي. آصف زرداري جو وڌيڪ چوڻ هو ته ايگرو فارم ۽ ايگرو انڊسٽري مستقبل آهي، وڏن زميندارن تي ٽيڪس لڳائڻو پوندو اهو آءِ ايم ايف جو مطالبو آهي

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.