تازہ ترین

ڊي آءِ خان ۾ سي ٽي ڊي جي ڪارروائي، 8 دهشتگرد  مارڻ جي دعويٰ

ڊي آءِ خان ۾ سي ٽي ڊي ڪارروائي ڪري 8 دهشتگرد  مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي

سي ٽي ڊي ترجمان موجب مارجي ويل دهشتگردن ۾ انتهائي گهربل دهشتگرد جهانزيب به شامل آهي، مارجي ويل دهشتگرد ڪسٽم اهلڪارن تي حملن ۾ ملوث هئا

اينٽي ٽيررازم ڊپارٽمينٽ جي اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪسٽم اهلڪارن  تي دهشتگردن جي فائرنگ سبب هڪ ناري به مارجي وئي، مارجي ويل دهشتگرد ڀتا خوري، سڪيورٽي فورسز تي حملن ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث هئا

سي ٽي ڊي جو چوڻ آهي ته دهشتگرد دهشتگردي جو منصوبو ٺاهي رهيا هئا. اينٽي ٽيررازم ڊپارٽمينٽ جو چوڻ آهي ته مقامي آبادي ۾ دهشتگردن جي سهولتڪارن جي موجودگي جو خدشو آهي،  جنهن لاءِ ڪارروائي ڪئي پئي وڃي

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.